دنيا جون عظيم انقلابي عورتون

دنيا جون عظيم انقلابي عورتون

دنيا جون عظيم انقلابي عورتون

دنيا جون عظيم انقلابي عورتون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري اديب تاج جويي جو ترجمو ڪيل آهي، جنهن ۾ دنيا جي انقلابي عورتن: زرقا (فلسطين)، فاطمه محمد برناوي (فلسطين)، جميله بوپاشا (الجزائر)، زويا اناطو ليا (روس)، ليو خولان (چين) ۽ نگوين ٿي چائو (ويٽنام) سميت ٻين جي احوال کي قلمبند ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ دنيا جي انقلابي عورتن جي جدوجهد تي ڀرپور روشني وڌي وئي آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ سنڌ جي انقلابي عورتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. 106 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، مارئي پبليڪيشن سڪرنڊ 1981ع ۾ شايع ڪيو، ان جو ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري 1989ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪچي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت 20 روپيا آهي. هن ڪتاب جا ٻه ٻيا ڇاپا به شايع ٿيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو